Saturday 5 May 2012

سنڌي شاعري


نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،

 سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي .

 برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،

پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري،

 آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،

جو سچ انهيءَ تان سَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

 نِکاريو سِنڌڙي حُسن، ڏسي ڪيئن ڪُونڌ پيا ڪُسن،

 ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پُڇن،

 مَچن مَچن اندر مَچن، مَچن مَچن اندر مَچن،

 جنهن وِک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

 هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن بَرن ٿڌا گھڙا،

 ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،

 انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،

 نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

 ٿي انتها آ ڪِيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،

 ڇڏي ڏي ريت رِيس جي، پُريون به وينديون پيسجي،

 آ جنگ جِيس جِيس جي، آ جنگ جِيس جِيس جي،

 اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

 ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،

 گھڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيئون هِڄي،

 ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،

 ڌڙي تي داڦ بيھ ڌڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.

 هي ملڪ ”منشي“ ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،

 جڏهن به قوم آ ڪَکي، لکين لهي آيا لکِي،

 سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،

 سنڌوءَ جي سُرڪ جنهن چکي،

 پِيءَ جان سان نٿو جَڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي. منشي

No comments:

Post a Comment