

سزا کان جزا کان
دعا بد دعا کان
ٿي بي خبر جيئان پيو
يا بي فڪر جيئان پيو
عجيب آ تَذبذُب
هي ڪهڙي ڪَشمڪَش آ
ٻُڏان ڪڏهن تَران پيو
يا واقعي کران پيو
مان اڄ وري مَران پيو
ها اڄ وري مَران پيو
SAQIB ABRO
ڀَلا پوءِ ڪوڏ ڪُڏ ۾ئي ڪَڏا ٿي ويا ته ڇـــــا ٿيندو؟
ڀَلا پوءِ ڦِيرُ ڦِرَندي ئي ڦَڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــا ٿيندو؟
محبت ۽ مروت جــــــــــــا مڙيئيي اقــــدار ويا مَٽجي
گناهـــــــن جو نه ليکو آ فڪــــــــر افڪار ويا لَٽجي
ڀَلا پوءِ رياءَ خاطر وَڙَ وڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــــا ٿيندو؟
تڪــــــــبر ۽ وڏائيءَ جــــــــو وڌيو آ زور ڇـــا چئجي
انا جي خول ۾ ڦاٿل اڄوڪـــــــــو دور ڇــــا چئجي
ڀَلا پوءِ وقت جا ڪانٽا ڦِڏا ٿي ويا ته ڇــــــــا ٿيندو؟
حـياتي مختصر آهــــــي اڳيان منزل ڏکــــــي آهي
پلڪ جــي ڀــي خبر ناهــي قبر ڪـاري بکي آهي
ڀَلا پوءِ ماسُ هَڏُ کارو کڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــا ٿيندو؟
چون ٿا ڪجھ چڱن ڪارڻ ڌڻي ڌرتي هـــلائي پيو
چـــــــــون ٿا تن مرادان هَرَ هــــلن پيا اَنَ اُپائي پيو
ڀَلا پوءِ ســڀ چڱا ماڻهو جَڏا ٿي ويا ته ڇـــا ٿيندو؟
FROM SAQIB ABRO PAGE

No comments:
Post a Comment